جنيوا – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان والاريل ڪشمير جي ??ور??حال ۽ ڀارت ۾ تڪراري شهريت بل جي منظوري جو نوٽيس وٺڻ جي ??پي?? ڪندي چيو آهي ته دنيا ڄاڻي وٺي ته ڀارت ۾ پناهگيرن جو هڪ وڏو بحران جنم وٺي رهيو آهي، 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير جي 80 لک عوام قيد آهي، ڄاڻي وا??ي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پناهگيرن بابت عالمي فورم ??ي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم جي انعقاد تي خوشي ٿي.