اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مرض سان هر 15 منٽن ۾ هڪ عورت زندگي جي بازي هارائي ويندي آهي، ان موذي مرض بابت آگاهي پيد?? ڪرڻ لاءِ هڪ جامع پروگرام جي سخت ضرورت آهي ته جيئن عورتون ان کان بچاءُ ۽ وقت سر علاج جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهن. هتي نيشنل هيلٿ سروسز طرفان بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان بريفن?? اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.